اڄوڪي ڪاوش جي سرخين ۾ سڀني کان مٿي اسانجي وڏي وزير صاحب جو اهو بيان هيو ته ”وڳوڙن ۾ ملڪ دشمن ملوث آهن“ ۽ ته “”يڪي حڪومتي اتحاد خلاف سازشون پيا ڪن، اتحادي (انهن) ڪارين رڍن کي ٻاهر ڪڍندا.“
مٿيون بيان پڙهي اسان صرف اهو ئي چونداسين ته شاهه صاحب تمام گهڻو ”معصوم“ ماڻهو آهي… يا وري ائين آ ته ڄاڻي واڻي ”رواجي“ طرح پنهنجي اتحادين کي بچائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيڪا ڳالهه پوري سنڌ جي ٻچي ٻچي ۽ پوڙهي پڪي کي خبر آهي اها اسانجي وڏي وزير صاحب کان ڪيئن ٿي ڳُجهي ٿي سگهي؟؟ ڇا ڪراچي ۾ بدامني جي ذميوار اها لساني بنيادن تي ٺهيل اها پارٽي ناهي جيڪا شهر کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي آهي؟ ڇا ائين ناهي ته اها سالن کان ڪراچي جي ماڻهن جو رت چُوسي رهي هئي ۽ ڪير به ان کي جهلڻ پلڻ وارو ڪونه هو؟ توڙي جو هڪ مذهبي جماعت ان سان مهاڏو اٽڪائيندي رهي آهي، پر جي اها پنهنجي انهي جنگ ۾ کٽي به وڃي ته به سنڌ ساڳين ئي گدڙن اڳيان هجي ها – اها مذهبي جماعت ته اڃا وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي جيڪڏهن ان کي ان لساني پارٽي واري حيثيت ملي وڃي ته!
بحرحال، اچون ٿا پنهنجي اصل بحث طرف: ڪنهن صحيح چيو هو ته پ پ کي سنڌ جي لاءِ ڇا ڪجهه ڪندي، اها ته رڳو انهي ٻڏتر ۾ آهي ته ڪٿي سندس حڪومت نه ڪنهن باز جي چنبي ۾ اچي وڃي… هلو ٺيڪ آ، نٿا چئون ته اسانجي سنڌ سون ڪري ڏئي، پر رڳو ايترو ته ڪري سگهي ٿي نه ڪراچي جو امن خراب ڪندڙن سان ڪجهه سختي سان پيش اچي؟ هينئر پ پ هڪ وڏي پارٽي آهي جنهن ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهي آهي، آخر اهڙي به ڪهڙي مجبوري آهي جو هڪ بدنام دهشتگرد پارٽي جي اڳيان بلڪل ٻڪري لڳي پئي آهي؟ ڌريون به ڪهڙيون؟ هڪ مهاجر، ٻي پٺاڻ – جن مان ڪنهن کي به سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ سخت سزا ڏيڻ گهرجي… آخر اهي ٿيندا ڪير آهن جو سنڌ، جيڪا صدين کان صوفين جي روحاني سربراهي ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندي رهي آهي، ۾ ماڻهن کي خوفزده ڪن؟
ان وقت حڪومت ڪٿي هئي جڏهن ڪراچي ۾ گوليون برسات وانگر پئي وسيون؟ جڏهن خوني ماڻهن جي فائرنگ سبب شهر ۾ شام ويلي به اڌ رات وارو منظر پيو ڏسجي؟ اسانجي پوليس به ته انهن ئي ساڳن علائقن ۾ رهندي آهي نه؟ اها ڇو فلمي سِين وانگر فائرنگ جو سلسلو ختم ٿيڻ کانپوءِ پهتي؟ ڇو ان وقت رئنجرز نه پهتي جڏهن دڪانن جا دڪان پئي ساڙيا ويا؟ ڇو اها به واقعي کان پوءِ اهو بانور ڪرائڻ لاءِ پهتي ته شهر under-control آهي؟
قائم علي شاهه صاحب، جيڪڏهن توهان واقعي ئي سمجهو ٿا ته وڳوڙن ۾ ملوث عنصر ملڪ دشمن آهن ته پوءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي جو اهي ٻئي ڌريون توهان جو سنڌ ۾ اتحادي آهن!!
سنڌ سان هر واعدو رهندو سچو،


![Frozen lake [Explored] Frozen lake [Explored]](http://static.flickr.com/7154/6775468053_d50864e5be_t.jpg)
